آچاريه ڀڳوان ديو

آچاريه ڀڳوان ديو: ھڪ ناميارو سنڌي ليکڪ ۽ سياستدان، جنھن سال 1935ع ۾ ٻيراڻي ضلعي سانگهڙ ۾ جنم ورتو. ورهاڱي کان پوءِ ڀارت ۾ اجمير مان لوڪ سڀا جو ميمبر به ٿيو. ھن پھريون ڀيرو 26 اپريل، 1982ع تي لوڪ سڀا ۾ سنڌيءَ ۾ قسم کنيو ۽ تقرير ڪئي ھئي ۽ 18-19 آڪٽوبر، 1983ع تي ڀارت جي پھرين ورلڊ سنڌي ڪانفرنس ڪوٺائي هئائين، جنهن جو افتتاح ان وقت جي وزيراعظم مسز اندراگانڌيءَ ڪيو ۽ اختتامي سيشن جي صدارت صدر گياني ذيل سنگھه جي ھئي. ڀارت ۾ وڏي اثر رسوخ واري شخصيت هو. 1999ع ۾ گذاري ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1935.00.00  عيسوي

آچاريه ڀڳوان ديو 1935ع ۾ ٻيراڻي ضلعي سانگهڙ ۾ جنم ورتو


1999.00.00  عيسوي

آچاريه ڀڳوان ديو 1999ع ۾ گذاري ويو آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

علياڻي محمد ڄام
ثقلين مشتاق
بيبي راستي
سيد علي ثاني ٺٽوي
بهروز سبزواري
سنڌي شاعريءَ جي گرامر ۽ عروض جا محقق ۽ عالم
شبلي نعماني علام
جمال فقير خاصخيلي
ٻيڙو فقير ڪنڀار
نذير احمد سانگي ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون